بيجنگ -18 مارچ (اي پي پي) چين روس جي صدر ولاديمير پ??وٽ?? کي چونڊن ۾ ??ام??ابي تي مبارڪون ڏنيون آهن، فرانس جي خابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان معمول جي پريس ڪانفرنس دوران چيو ته چين روس جي صدر ولاديمير پ??وٽ?? کي چونڊن ۾ ??ام??ابي تي مبارڪون ڏئي ٿو. هن چيو ته چين ۽ روس نئين دور ۾ هڪ ٻئي جا سڀ کان وڏا پاڙيسري ۽ جام?? اسٽريٽجڪ سهڪار رکندڙ شراڪتدار آهن. هن چيو ته اسان پختو يقين رکون ٿا ته چين جو صدر شي جن پنگ ۽ روس جو صدر ولاديمير پ??وٽ?? جي اسٽريٽجڪ اڳواڻي تحت چين روس لاڳاپن کي هٿي ملندي. هن چيو ته هلندڙ سال چين ۽ روس وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سالگره ملهائي پئي وڃي. ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن جا سربراه ويجهي مٽاسٽا کي برق??ار رکندا. ٻنهي ملڪن جي پراڻي دوستي کي برق??ار رکندا، جام?? اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ ۽ نئين دور ۾ چين روس لاڳاپن جي لاڳيتو ترقي کي هٿي وٺرائيندا. روس جي سرڪاري ايجنسي آر آءِ اي گذريل ڏينهن سرڪاري چونڊن جي انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو ته 99 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن کان پوءِ ولاديمير پ??وٽ?? 87.33 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا آهن.
چين پاران روس جي صدر ولاديمير پيوٽن کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada