واشنگٽن_16 فيبروري(اي پي پي) آمريڪا دعوي ڪئي آهي ته ان ايران مان ايندڙ جديد روايتي هٿيارن ۽ امداد جي کيپ ضبط ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب وچ اوڀر ۾ آمريڪي سينٽ??ل ڪمانڊ ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته اها کيپ 28 جنوري تي عربي سمنڊ ۾ ضبط ڪئي وئي هئي جنهن کي يمن ۾ حوثين جي ڪنٽرول وارن علائقن طرف منتقل ڪيو پئي ويو،سٽ ڪام هٿيارن جون تصويرون پوسٽ ڪندي لکيو آهي ته ان کيپ ۾ وچولي مفاصلي تائين مار ڪندڙ بليسٽڪ ميزائلن جا جزا ۽ ٻيو فوجي سامان شامل هو،آمريڪي سينٽ??ل ڪمانڊ جي ڪمانڊر ايرڪ ڪوريلا جي حوالي سان چيو آهي ته اهو خطي ۾ ايران جي بدنيتي تي مشتمل سرگرمين جو هڪ ٻيو مثال آهي،هن نشاندهي ڪئي ته اير??ن پاران حوثين کي جديد روايتي هٿيارن جي فر??هم?? عالمي قانون جي سڌي ريت خلاف ورزي آهي اها صورت??ال عالمي جهاز راني کي نقص??ن پهچائي رهي آهي، واضع رهي ته غزه جنگ شروع ٿيڻ ک??ن پوءِ احمر سمنڊ ۾ عالمي جهاز راني جي اچ وڃ ۾ رڪاوٽ آئي آهي ڇاڪاڻ ته حوثي گروپ واپاري سامونڊي جهازن کي نشانو بڻائي رهيا آهن.
حوثين لاءِ ويندڙ ايراني هٿيارن جي کيپ ضبط ڪئي وئي آهي: آمريڪي دعوي
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک