مڪه مڪرمه – 09 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه چيو آهي ته گذريل سال سهولتن ۾ اضا??ي سبب عمري زائرين جو انگ لڳ ڀڳ 50 لک (58 سيڪڙو) جي رڪارڊ اضا??ي سان هڪ ڪروڙ 35 لک 50 هزار تائين پهچي ويو آهي جيڪو هاڻي تائين سڀ کان وڌيڪ آهي. اردو نيوز مطابق ??هڙ?? اظهار هن گذريل ڏينهن حج ۽ عمره ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 2019ع ۾ پرڏي??ي ملڪن مان 85 لک 50 هزار عمري زائرين آيا هئا، مڪه روٽ پراجيڪٽ سان هاڻي تائين 8 ملڪن مان 6 لک 17 هزار فائدو حاصل ڪري چڪا آهن. هن چيو ته عمري زائرين جي آمد کي آسان بڻائڻ لاءِ اي ويزا جي سهولت ڏني وئي آهي، ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پارٽنرز سان گڏجي سڌي ريت اڏامن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، پهرين 164 ايئرپورٽس کان اڏامون اينديون هونديون هاڻي ان جو انگ 32 سيڪڙو اضا??ي سان 216 ڪري ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته سعودي عرب پنهنجي تاريخي هنڌن کي جديد رخن تي هموار ڪري رهيو آهي، هاڻي تائين 10 نئين تاريخي هنڌن تي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، 8 اهڙا هنڌ تيار ڪيا ويا آهن جنهن سان زائرين جي معلومات ۾ اضافو ٿيندو، 12 تاريخي هنڌن تي جديد رخن کي هموار ڪرڻ جو ڪم جاري آهي، سعودي حج وزير ٻڌايو ته حج 2024ع دوران 35 کان وڌيڪ ڪمپنيون زائرين کي خدمتون فراهم ڪنديون. هن چيو ته ان سال مديني شريف ۾ به عمره ڪانفرنس ۽ نمائش جو اهتمام ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 80 کان وڌيڪ ملڪن جي وزيرن ۽ عهديدارن شرڪت ڪئي. سمورن شرڪت ڪندڙ سان حج انتظامن جي حوالي سان معاهدا ڪيا ويا آهن.
سهولتن ۾ اضافي سان گذريل سال عمري زائرين جي انگ ۾ 50 لک جو اضافي سان انگ هڪ ڪروڙ 35 لک تائين پهچي ويو: سعودي حج ۽ عمري واري وزير
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن