ماسڪو-28 ڊسمبر (ا?? پي پي)روس ۽ اي??ان آمريڪي ڊالر بدران مقامي ڪرنسين ۾ واپار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هي فيصلو ٻنهي ملڪن جي مرڪزي بئنڪن جي گورنرن جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. جرمن نشرياتي اداري روس جي خابرو اداري جي حوالي سان ٻڌايو ته اي??ان ۽ روس جي مرڪزي بئنڪن جي گورنرن جو اجلاس ماسڪو ۾ ٿيو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن گڏيل واپار کي آمريڪي ڊالر بدران مقامي ڪرنسين ۾ ڪرڻ جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ان معاهدي کانپوءِ هاڻي بئنڪ ۽ گروپ مقامي ڪرنسين ۾ ڏي وٺ ڪري سگهندا ۽ اهڙو بئنڪاري نظام استعمال ڪري سگهندا جن ۾ سوئفٽ سسٽم گهربل نه هوندو، بيان ۾ ??ڌي?? چيو ويو ته روس جي قيادت ۾ يوريشين اڪنامڪ يونين (يو اي اي يو) جي ميمبرن 25 ڊسمبر تي اي??ان سان هڪ مڪمل آزاد واپاري معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. روس کانسواءِ بيلاروس، قزاخستان، ڪرغزستان ۽ ارمينيا ان يونين جا ميمبر آهن.
ايران ۽ روس پاران مقامي ڪرنسين ۾ واپار جو معاهدو
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa