لنڊن -26 سيپٽمبر (اي پي پي) شهزاده هيري کي مبينه طور تي چيو ويو آهي، ته جيڪڏهن هو شاهي رهائشگاهه ۾ رهڻ چاهي ته کيس بڪنگهم پئلس کي اڳواٽ نوٽيس ڏيڻو پوندو. ميڊيا رپورٽن مطابق 39 ورهين جي هيري هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ هڪ خيراتي تقريب ۾ شرڪت لاءِ لنڊن ويو ته کيس ونڊ سر محل ۾ ترسڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي. شهزاده هيري کي 7 سيپٽمبر تي اولهه لنڊن جي علائقي چيلسي ۾ ٿيل ساليانو ويل چائلڊ ايوارڊز ۾ شرڪت ڪرڻي هئي جيڪا هن سال ملڪه الزبٿ جي وفات جي ورسي جي شام جو منعقد ٿيڻي هئي. دي ٽيليگراف جي رپورٽ مطابق جڏهن اهو واضح ٿي ويو ته هيري ?? چارلس جيڪي ان وقت بالمورل محل ?? هئا ان دوري تي ملاقات نه ڪري سگهيا ته شهزادي پڇيو ته ڇا هو ونڊ سر محل ۾ رهي سگهن ٿا. هن ونڊ سر ۾ سينٽ جارج چيپل ۾ پنهنجي مرحوم ڏاڏي جي قبر تي ??ڃڻ جي اجازت به گهري جتي هو 8 سيپٽمبر تي ويو هو. جڏهن ته شاهي محل مبينه طور تي هيري جي آخري وقت ۾ ترسڻ جي درخواست منظور ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي هئي.
شهزاده هيري کي شاهي رهائشگاهه ۾ ترسڻ لاءِ بڪنگهم پئلس کي اڳواٽ نوٽيس ڏيڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ