وزيراعظم جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جو ٻيو اجلاس


APP49-16 ISLAMABAD: July 16 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting of National Coordination Committee on Housing, Construction & Development. APP

اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو. اها ڳالهه وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان ۾ ٻڌائي وئي. اجلاس ۾ تعميراتي شعبي جي لاءِ حڪومت پاران اعلان ڪيل تازي مراعتي پيڪيج تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي سان قومي رابطا ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن جو پهريون اجلاس سندس صدارت ۾ 10 جولاءِ تي ٿيو، ان ڪميٽي جي قيام جو مقصد تعميراتي شبعي بابت قانونن کي آسان بڻائڻ ۽ قرضن جي فراهمي جي عمل ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ آهي.

مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن

متعلقہ مضامین