صدر جي صدارت هيٺ منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي شاگردن جي ڀلائي واري ڪميٽي جي اجلاس


APP29-12 ISLAMABAD: November 12 – President Dr. Arif Alvi chairing a meeting of the committee on drug abuse and welfare of differently-abled-students, at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم واري وزارت، منشيات جي خاتمي واري فورس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زورڏيندي چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن تعليمي ادارن ۾ خصوصي شاگردن جي ڀلائي ۽ سهولت لاءِ قدم کڻي، خصوصي شاگردن کي ٽيوشن فيس ۾ ڇوٽ، تعليمي ادارن ۾ آمدرفت جي خصوصي سهولت ۽ عمر جي حد ۾ نرمي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي شاگردن جي ڀلائي واري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، منشيات جي خاتمي وارو وزير محمد اعظم خان سواتي، انساني حقن واري وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، ايڇ اي سي جو چيئرمين ۽ مختلف وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری

متعلقہ مضامین