ميرانشاهه – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان اڳوڻي فاٽا جي نئين قائم ٿيل ضلعن لاءِ صحت، تعليم، روزگار ۽ انتظاميه جي شع??ن ۾ مختلف فلاحي پيڪيجز جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي فاٽا ۽ خيبرپختونخوا جي عوام دهشتگردي جي ڏک ۽ مشڪل وقت کي جرئت سان منهن ڏنو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن ملڪ يا فوج ڪردار ادا نه ڪيو، اسان پنهنجي ملڪ تي مڙه??ل جنگ جي وڏي جاني ۽ مالي قيمت ادا ڪئي، اسان پاڪستان جي اندر آئنده اهڙي ڪا به جنگ نه وڙهنداسين، نئون پاڪستان بڻجي رهيو آهي، هن اها ڳالهه اتر وزيرستان جي دوري جي موقعي تي چئي، پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم عمرا?? خان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه اتر وزيرستان جو دورو ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس