اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خ??ن ڪفايت شعاري ۽ سادگي مهم جي باقاعده شروعات پنهنجي ذات ک??ن ڪئي، هو 1100 ڪينال جي وزيراعظم ??ائ??س کي ڇڏي 4 ڪينال کان به گهٽ واري گهر ۾ منتقل ٿيو آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم جي ميڊيا بابت خصوصي معاون افتخار دراني سا?? گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس ۾ چئي. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته جنهن م??ڪ ۾ 8 ڪروڙ ماڻهن کي صاف ٽوائلٽ جي سهولت نه هجي، 21 سيڪڙو ماڻهو ماحولياتي آلودگي سبب موت جي ور چڙهي وڃن، جتي عورتون ويم دوران م??ت جي ور چڙهي ??ڃن ۽ جيڪو ملڪ انساني وسيلن جي درجابندي ۾ 188 ملڪن مان 147 هين نمبر تي هجي، ان م??ڪ جا حڪمر??ن ڪيئن وڏن وڏن محلن ۾ پنهنجي شاهاڻي زندگي جي لاءِ عوام جي ٽيڪس جو پئسو بيدردي سا?? استعمال ڪري سگهن ٿا.
وزيراعظم ڪفايت شعاري پنهنجي ذات کان شروع ڪئي آهي: سينيٽر فيصل جاويد
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز