اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) پاڻي وسيل?? واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي بحرا?? واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي پاڻي پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ رهنما اصولن تي ٻڌل مسودو جوڙيو وڃي. هو نيشنل واٽر ٽاسڪ فورس جي پ??ري?? اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ حڪومتي ادارن جي واٽر سيڪٽر جي اعليٰ عملدارن ۽ پاڻي شعبي ۾ وسيع تجربو رکندڙ تعليمي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير اعليٰ سطحي قومي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جا حڪم جار?? ڪيا، جيڪو ملڪ ۾ پاڻي جي تحفظ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪري. واضح رهي ته 1947ع ۾ پاڪستان ۾ في ڪس ساليانو پاڻي جي دستيابي 5 هزار 260 ڪيوبڪ ميٽر هئي جيڪا 2018ع ۾ هڪ هزار ڪيوبڪ ميٽر کان به گهٽ سطح تي اچي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر