گڏيل قومون -04 ڊس??بر (اي پي پي) گڏيل قومن فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل واري امڪان تي ڳالهين لاءِ جون 2025ع تي عالمي سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن جي ميزباني سعودي عرب ۽ فرانس گڏيل طور تي ڪندا. ميڊيا رپورٽن مطابق جنرل اسيمبلي ۾ 157 ووٽن جي اڪثريت سان منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ عالمي قانون موجب اسر??ئي?? ۽ فلسطين جي مسئلي کي ٻه رياستي حل لاءِ پختي حمايت جو اظهار ڪيو ويو. هن ٺهراءَ تي ووٽنگ ۾ آمريڪا ۽ اسر??ئي?? حصو نه و??تو جڏهن ته 7 ٻيا ملڪ غير حاضر رهيا. جنرل اسيمبلي پاران منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي، ته ٻنهي رياستن کي 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي تسليم ٿيل سرحدن اندر امن ۽ سلامتي سان رهڻ گهرجي. فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ان اميد جو اظهار ڪيو ته سربراهي اجلاس اسر??ئي?? جي سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندو ۽ واضح ڪندو ته ٻه رياستي حل سمورين ڌرين لاءِ عمل جوڳو آهي. گڏيل قومن ۾ فلسطيني نمائندي رياض منصور چيو ته فلسطين جو سوال شروع کان ئي گڏيل قومن جي ايجنڊا تي رهيو آهي ۽ ان جي ساک ۽ اختيار ۽ عالمي قانون تي ٻڌل آرڊر جي وجود جو سڀ کان اهم امتحان آهي. واضح رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ ٺهراءَ ذريعي 1947ع ۾ فلسطين کي عرب ۽ يهودي ٻن رياستن ۾ ورهايو هو.
گڏيل قومن پاران فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل واري امڪان تي ڳالهين لاءِ جون 2025ع ۾ عالمي سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز