بيجنگ-31 آڪٽوبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته آمريڪا پاران ??ائ??وان کي هٿيار فراهم ڪرڻ سنگين نتيجن جو سبب بڻجندو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي دفاع واري وزارت جي ترجمان زانگ شياگنگ هڪ بريفنگ ۾ چيو ته آمريڪا کي سمجهڻ گهرجي ته ??ائ??وان کي هٿيارن جي فراهمي جا انتهائي سنگين نتيجا نڪرندا. هن چيو ته ??ائ??وان جو مسئلو چين جي بنيادي مفادن ۾ سڀ کان اهم آهي ۽ اهو چين- آمريڪا لاڳاپن ۾ پهرين ڳا??هي لائين جي نمائندگي ڪري ٿو جنهن کي کيس ??ار نه ڪرڻ گهرجي. هن ٻيٽ لاءِ 2 بلين ڊالرن جي امڪاني هٿيا??ن کي وِڪري جي پيڪ??ج جي حوالي سان چيو ته چين آمريڪا تي زور ڀري ٿو ته هو ??ائ??وان کي هٿيارن جي فراهمي جي سنگين نتيجن کي چڱيءَ طرح سمجهي ۽ آمريڪا پنهنجي دفاعي صنعت کي تقويت ڏيڻ لاءِ ??ائ??وان جو استحصال ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته آمريڪي بچاءَ کاتي جي دفاعي سلامتي ڪوآپريشن ايجنسي اعلان ڪيو هو ته پرڏيهي کاتو ??ائ??وان لاءِ تقريبن 2 بلين ڊالرن جي ماليت جي هٿيارن جي پيڪ??ج جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ نيشنل ايڊوانسڊ سرفيس ??و ايئر ميزائل سسٽم ۽ ريڊار سسٽم شامل هوندا.
آمريڪا پاران تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ سنگين نتيجن جو سبب بڻجندو: چين
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل