نئين دهلي-26 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت پنهنجي اولهندي سمنڊ ويجهو واپاري سامونڊي جهاز ??يم وي ڪيم پلوٽو تي مبينه ڊرون حملي بعد ??ربي سمنڊ ۾ 3 جنگي جهاز بيهاري ڇڏيا آهن. اين ڊي ٽي وي جي رپورٽ مطابق ان کان اڳ ڀارتي سامونڊي فوج جي ڌماڪيدار مادي کي نا??ارا بڻائيندڙ ٽيم لائبيريا ۾ رجسٽرڊ ??يم وي ڪيم پلوٽو جي مم??ئي بندرگاهه تي آمد وقت ان جو تفصيلي معائنو ڪيو. ڀارت جي سامونڊي فوج عربي سمنڊ ۾ واپاري جهازن تي حملن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي انهن جي نگرانيءَ لاءِ پي 81 لانگ رينج پيٽرول ايئر ڪرافٽ ۽ گائيڊڊ ميزائل دسٽرائر آءِ اين ايس مورموگاؤ، آءِ اين ايس ڪوچي ۽ آءِ اين ايس ڪولڪته کي خطي ۾ سامونڊي جهاز تي تيار حالت ۾ رکيو ويو آهي. ??يم وي ڪيم پلوٽو جي عملي جي 21 ميمبرن جو تعلق ڀارت ۽ هڪ جو ويٽنام سان آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا