اسلام آباد- 07 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ ۽ ٿڌ ۾ شديد اضافي جو امڪان آهي. ان صورتحال سبب گرمي پد جنوري ۾ رڪار?? گهٽ ترين سطح تي پهچي ويو. موسميات کات?? جي چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز خبردار ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ٿڌي هوائن جي نئين لهر ۽ گرمي پد سنگل ڊيجٽ ج?? گهٽ ترين سطح تائين ڪرڻ جو امڪان آهي ۽ سيءُ جو اهو ڊگهو سلسلو گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته هلندڙ سيار?? جي موسم ۾ ملڪ ۾ پهريان ئي رڪارڊ ٽوڙ سيءُ پئجي چڪو آهي ۽ هلندڙ سال جنوري ۽ ڊسمبر ۾ گرمي پد 2023ع جي ساڳئي عرص?? جي ڀيٽ ۾ نمايان طور ت?? گهٽ رهيو آهي. گرمي پد ۾ ان غير معمول?? گهٽتائي شديد ٿڌي موسم جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ گرمي پد وڌيڪ گهٽجڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته 9 کان 10 ڏينهن ۾ بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ ٿڌين هوائن جي هڪ نئين لهر اچڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف گلگت بلتستان ۾ 2 کان 3 ڏينهن تائين برسات جو امڪان آهي جڏهن ته جلد ئي اهو علائقو خشڪ ۽ ٿڌي موسم طرف موٽي ويندو. هن شهرين کي خبردار ڪيو ته هو سخت موسم کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ ضروري احتياطي تدبيرون اختيار ڪن، خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي شديد برفباري يا انتهائ?? گهٽ گرمي پد جو امڪان آهي. هلندڙ سيار?? جي موسم دوران پاڪستان ۾ روزانو کان گهٽ برفباري ۽ برسات جا امڪان آ??ن جيڪي گذريل سالن ۾ ٿيل برساتن جي پيٽرن مان نمايان فرق آهي.
موسميات کاتي پاران سڄي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم