اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وف??قي وزير سيني??ر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ جمهور??ه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي. قانون واري وزير نئين مقرر ٿيل ترڪيه جي سفير جي آجيان ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت طرفان جاري بيان موجب قانون واري وف??قي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ترڪيه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي، پُراڻن ۽ ڀائراڻن ناتن جو ذڪر ڪندي وف??قي وزير مخت??ف شعبن ۾ سهڪار جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ ڊجيٽلائيزيشن، ججن جي تربيت ۽ جي??ن بابت سڌارن تي تعاون جو ورجاءُ ڪيو ويو. قانون واري وزير چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ ترڪيه جهڙيءَ طرح ترقي ڪئي آهي پاڪستان ان مان سِکي سگهي ٿو. ٻنهي ڌُرين ڪيس مئنيجمينٽ سسٽم ۽ جي?? مئنيجمينٽ سسٽم جي شعبن ۾ سهڪار تي اتفاق ڪيو. ترڪيه جي سفير شاندار آجيان تي قانون واري وزير جو ٿورو مڃيو.
سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ جمهوريه ترڪيه جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں