اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسپيڪر ويلنٽينا مٽوينيڪو جي پاڪستان جي دوري سان پاڪستان ۽ رو?? جي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب انهن خيالن جو اظهار هن روسي فيڊريشن جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽينا مٽوينيڪو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن گذري?? ڏينهن وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سف??رت??، معاشي، واپاري ۽ پارلياماني لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ويلنٽينا مٽوينيڪو جي پاڪستان دوري سان پاڪسان ۽ رو?? جي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا. سندس دوري سان علائقائي امن، ترقي ۽ خوشحالي کي به سگهه ملندي. سيد يوسف رضا گيلاني 2010ع ۾ پنهنجي رو?? جي دوري دورا?? صدر ولادي مير پيوٽن سان پنهنجي ملاقات ۽ اُن وقت ٿيل معاهدن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جي تيل ۽ گئ?? جي شعبن سميت انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ رو?? جي معاونت کي ساراهيون ٿا. پاڪستان جي سينيٽ ۾ هڪ اثرائتو پاڪستان – روس دوستي گروپ جوڙيو ويو آهي. عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ عوامي نمائندا بهترين رهنمائي فراهم ڪري سگهن ٿا. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود واپاري ڳاڻيٽي کي اڃا وڌائڻ سميت، مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ نوان موقعا ڳولهڻ جي ضرورت آهي. نارٿ-سائوٿ ٽرانسپورٽ راهداري تمام اهم آهي. ان موقعي تي اسپيڪر ويلنٽينا مٽوينيڪو سينيٽ چيئرمين پاران شاندار استقبال تي خر??ج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته روس پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان سان واپاري، اقتصادي، سف??رت?? لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي سميت مختلف شعبن وچ ۾ سهڪار کي به هٿي ڏني ويندي. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته پارلياماني لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سان نه رڳو ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي پر عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ به مدد ملندي.
روس جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر پاران پاڪستان جي دوري سان گڏيل لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم