اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) صنعت، پيداوار ۽ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي اعليٰ تعليم ۽ تربيت لاءِ چين موڪليندو، تربيت زراعت ۽ خوراڪ جي حفاظت ۾ مخصوص مهارتن جو احاطو ڪندي. اهڙو اظهار هن منسٽر ڪائونسلر، ايمبيسي آف پي??لز ريپبلڪ آف چائنا زوهينگ تيان سا?? ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات جو مقصد پاڪستاني زرعي گريجوئيٽس کي چين موڪلڻ جي طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏيڻ هو. ڄاڻايل اسڪالرشپ جو اعلان وزيراعظم پاڪستان جي تا??ي چين جي دوري دوران ڪي?? ويو هو. وفاقي وزير چيو ته اسڪالرشپ جو بنيادي مقصد خوراڪ ۽ زرعي شعبن ۾ پاڪستاني گريجوئيٽس جي صلاحيت ۽ مهارتن کي وڌائڻ آهي. شاگردن کي جديد زرعي طريقن ۽ فني مهارتن سا?? ليس ڪي?? ويندو. هن چيو ته شاگرد چين ۾ زراعت ۾ جدت ۽ جديد تحقيق سکندا، تربيت زراعت ۽ خوراڪ جي حفاظت ۾ مخصوص مهارتن جو احاطو ڪندي. راڻا تنوير حسين چيو ته شاگردن کي پوري پاڪستان مان چونڊي?? ويندو. بلوچستان جي شاگردن کي ترجيح ڏني ويندي. ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ زرعي يونيورسٽي فيصل آباد اسڪالرشپ پروگرام کي لاڳو ڪندو.
پاڪستان هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي اعليٰ تعليم لاءِ چين موڪليندو: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے