اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي صورتحال مستحڪم آهي جنهن ??ي برقرار رکنداسين، ايف بي آر ?? چوري ۽ بدعنواني روڪڻ لاءِ ان جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ان کي ڊيجيٽلائز ڪري رهيا آهيون، ٽ??ڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 3 سالن ۾ 13 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين، نان فائلرز جي ڪيٽيگري نه هوندي، هر هڪ کي ٽ??ڪس ڏيڻو پوندو. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ جي ميڪرواڪنامڪ صورتحال مستحڪم آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽجي رهيو آهي، مالياتي خسارو ڪنٽرول ۾ آهي، ڪرنسي گذريل ڇهه ست مهينن کان مستحڪم آهي، فارن ايڪسچينج ريزروز 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهن جيڪي ٻن مهينن جي امپورٽ بل کي ڪور ڪري رهيا آهن، ناڻي واڌ کي اسان 38 سيڪڙو کان گهٽائي 11 سيڪڙو تائين آندو آهي، ملڪ ۾ معاشي استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي جنهن ??ي برقرار رکنداسين. هن ??يو ته هن وقت اسانجي ٽ??ڪس ٽو جي ڊي پي شرح 9 سيڪڙو آهي جنهن ??ي ٽن سالن ۾ 13 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻو آهي. ايف بي آر ۾ خا??ين کي ختم ڪرڻ ۽ چوري ۽ بدعنواني روڪڻ لاءِ ان جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ان کي ڊيجيٽيلائز ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته نان فائلرز جي ڪا ڪيٽيگري نه هوندي، سڀني کي ٽ??ڪس ڏيڻو پوندو، ريٽيلرز ۽ ريئل اسٽيٽ جو ٽ??ڪس نيٽ وڌائينداسين. هن ??يو ته بجيٽ ۾ ضرورتمند طبقي جي مفادن جو خيال رکيو ويو آهي، خساري سان هلندڙ رياستي ادارن جي نجڪاري جو عمل ٽن سالن ۾ مڪمل ڪنداسين. هن ??يو ته ايس او ايز ۽ پاور سيڪٽر جا سڌارا پڻ اسان جي ايجنڊا جو حصو آهن.
ملڪ ۾ معاشي صورتحال مستحڪم آهي جنهن کي برقرا رکنداسين: ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena