اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ مضبوط حص??دا??ي قائم ڪرڻ ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اها ڳا??هه صدر آصف علي زرداري ۽ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٿي. سعودي پرڏيهي وزير ايوان صدر ۾ هڪ اعليٰ اختياراتي وفد ??ان گڏ صدر ??ان ملاقات ڪ??ي. ??يوان صدر جي پريس ونگ موجب سعودي وفد ۾ پاڻي ۽ زراعت وارو سعودي وزير، صنعت ۽ معدني وسيلن وارو سعودي وزير، سيڙپڪاري وارو خصوصي وزير، سعودي خصوصي ڪميٽي جو سربراهه ۽ توانائي واري وزارت ۽ سعودي پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جا اعليٰ عملدار شامل هئا. پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم ۽ پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار به ملاقات ۾ شريڪ هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪا پراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان موجوده لاڳاپن کي ڊگهي مدي واري تزويراتي ۽ اقتصادي حص??دا??ي ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن ان ڳا??هه تي روشني وڌي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جو انتهائي احترام ڪري ٿي ۽ سعودي عرب ??ان گڏ بيٺل هوندي. صدر چيو ته اسلامي دنيا جي خوشحالي سعودي عرب جي ترقي ??ان واڳيل آهي. هن سعودي ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي جرئتمنداڻي ۽ دُورانديش قيادت ۽ ويزن 2030ع تحت ٿيندڙ ذڪر جوڳي اڳڀرائي کي ساراهيو. ان موقعي تي سعودي پرڏيهي وزير چيو ته سعودي عرب پاڪستان ??ان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ پاڪستان ??ان مضبوط حص??دا??ي جي لاءِ پرعزم آهي. هن ان ڳا??هه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هڪ ٻئي جي مدد ڪندا آيا آهن. هن سعودي عرب جي ترقي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو. هن سعودي قيادت پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سعودي عرب جي لاءِ پاڪستان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ڌرين علائقائي حرڪيات ۽ وچ اوڀر جي تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ غزه ۾ اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي پاران ٻطرفي اهميت جي معاملن ۽ مسلمان امت کي درپيش چئلينجن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. صدر آصف علي زرداري خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.
پاڪستان ۽ سعودي عرب پاران گڏيل فائدي جي لاءِ مضبوط حصيداري قائم ڪرڻ ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے