اسلام آباد – 01 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي مختلف ميمبرن جي قومي ۽ صوبائي اسيبلي جي م??مبر طور حلف ک??ڻ سبب خالي ٿيل سيٽن تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. انهن سيٽن تي چونڊ 14 مارچ تي ٿين??ي. ??ليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊول مطابق سيد يوسف رضا گيلاني، مولانا عبدالغفور حيدري قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا. نثار کهڙو، ڄا?? مهتاب حسين ڊاهر سنڌ اسيمبلي جڏهن ته سرفرار احمد بگٽي، پرنس احمد عمرزئي بلوچستان اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا. انهن جي عام چ??نڊن ۾ ڪاميابي ۽ حلف سان خالي ٿيل سيٽن تي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو ويو جنهن تحت اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ 2 ۽ 3 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا. اميدوارن جي شروعاتي لسٽ 3 مارچ جڏهن ته انهن جي جانچ پڙتال 5 مارچ تي ٿيندي. نامزدگي ڪاغذن جي م??ظوري يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 7 مارچ، انهن تي ٽريبيونل جي طرفان فيصلا 9 مارچ جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ 10 مارچ تي واپس وٺي سگهجن ٿا. پولنگ 14 مارچ تي پارليامنٽ هائوس، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلين جي عمارتن ۾ 9 کان 4 وڳي تائين ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽن تي ننڍي چونڊ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena