اسلام آباد – 23 ?? فيبروري (ا?? پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ ??ولنگي پارليامينٽ هائوس جي پريس گيلري جو دورو ڪيو ۽ صحافين مان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون آهن. هن چيو ته صحافي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو اهم ٿنڀ آهن، صحافي معاشري جي لاءِ هڪ آئينو آهن، اهي عوام کي ??قيقتن کان آگاهه ڪن ٿا. هن چيو ته نگران حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ جي لاءِ پڻ قدم کنيا. ان موقعي تي صحافين پريس گيلري جو دورو ڪرڻ تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ ??ولنگي جا ٿورا مڃيا. هنن مرتضيٰ ??ولنگي جي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان نگران حڪومت جي دور ۾ ڪردار کي پڻ ساراهيو.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جو پارليامينٽ هائوس جي پريس گيلري جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ