اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (ترم??مي) آرڊيننس 2023ع، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (ترم??مي) آرڊيننس 2023ع، پاڪستان پوسٽل سروسز مئنيجمينٽ بورڊ (ترم??مي) آرڊيننس 2023ع ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ترم??مي) آرڊيننس 2023ع جاري ڪري ڇڏيو آهي. لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽريز انهن آرڊيننسز جي فوري ضرورت تي صدر کي بريفنگ ڏني جيئن ته انهن چئن رياستي ??لڪيت انٽرپرائيزز (ايس او اي) جي حوالي سان هلندڙ سال جولاءِ ۾ آءِ ايم ايف سان اتفاق راءِ ٿيو هو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب انهن ادارن جي قانونن ۾ ترميمن جن تي صدر صحيحون ڪيون آهن، انهن کي جنوري 2023ع ۾ لاڳو ڪيل رياستي ??لڪي ادارن (گورننس اينڊ آپريشن) ايڪٽ 2023ع موجب آڻڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي. خدمتن جي فراهمي جي معيار کي وڌائڻ ۽ مالياتي ??ظم ۽ ضبط آڻي ايس او ايز جي گورننس ۽ آپريشنز کي بهتر بڻائڻ آهي. حڪومت هاڻي ايس او اي قانون جي شقن کي اهڙن ادارن تائين توسيع ڏيڻ جي عمل ۾ آهي جيڪي خصوصي قانونن تحت هلن ٿا ان سان انهن جا آپريشنز موثر ۽ ??فا?? ٿيندا. اهي ترميمون رياستي ??لڪيتي ادارن (ايس او اي) سڌارن جو حصو آهن جن تي ??اڪستان حڪومت عالمي حصيدارن سان اتفاق ڪيو آهي ۽ آءِ ايم ايف ۽ ايس بي اي ۾ هڪ بئنچ مارڪ طور شامل آهن. نئين ترميمن ذريعي بورڊ جي چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جي آفيسن کي مٿي ڄاڻايل سمورن ادارن ۾ جدا ڪيو ويندو ته جيئن عالمي بهترين طريقن موجب بهترين گورننس کي يقيني بڻائي سگهجي. انهن ادارن جي بورڊز ۾ آزاد ميمبرن کي شامل ڪيو ويندو جيڪي فيصلاسازي جي عمل ۾ نئين تصورن ۽ آزاداڻي مهارت جو اضافو ڪندا. آزاد ميمبرن جي ملازمت جي مدي جي حفاظت کي پڻ يقيني بڻايو ويو. اهي ترميمون ايس او ايز ايڪٽ جي ٻين شقن جي لاڳو کانسواءِ سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ جي ڪارڪردگي ۽ سالياني بزنس پلان جي تياري سميت عوامي آگاهي کي پڻ يقيني بڻائينديون. اهو يونٽ ناڻي واري وزارت ۾ قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد ايس او ايز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ، سالياني بزنس پلان جي تياري ۽ عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ پبلڪ رپورٽس تيار ڪرڻ آهي. انهن قدمن سان انهن ايس او ايز جي فعاليت، نگراني ۽ ??فا??يت کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. سي ايم يو اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيزز بابت ڪابينا ڪميٽي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان باقاعدگي سان رپورٽ پيش ڪندو، اهڙي طرح وفاقي حڪومت جي انهن ايس او ايز جي ڪمزورين ۽ خوبين کي واضح ڪري سگهبو. مجموعي طور تي انهن سرڪاري ادارن جي قانونن ۾ ترميمن سان بهتر طرز حڪمراني، خدمتن جي فراهمي ۽ عوام کي جوابدهي يقيني ٿي سگهندي.
وفاقي حڪومت پاران نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2023ع، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع، پاڪستان پوسٽل سروسز مئنيجمينٽ بورڊ (ترميمي) آرڊيننس 2023ع ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع جاري
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا