اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت ۽ حوصلا افزائي سميت ون ونڊو سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان جي خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز ۾ س??ڙپڪاري ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جا??ي بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار حسيب احمد جي قيادت ۾ مختلف جاگرافيائي ۽ ڪاروباري پس منظر سان تعلق رکندڙ آڪسفورڊ گريجوئيٽس تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته عالمي ڪاروبار پاڪستان ۾ س??ڙپڪاري ڪن، بهتر ڪاروباري ماحول مان فائدو کڻن، عالمي سيڙپڪار ۽ ڪمپنيون پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولي??. ه?? چيو ته پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ س??ڙپڪاري جا زبردست موقعا موجود آهن، پاڪستان هڪ اڀرندڙ مارڪيٽ آهي جنهن جي ڪاٿي ۾ هر سال اضافو ٿي رهيو آهي. صدر چيو ته پاڪستان معيشت جي بهتري، روانگي واپار وڌائڻ ۽ مصنوعات جي لاءِ نئين منڊين جي ڳولا تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ س??ڙپڪاري جا لاءِ سازگار ماحول آهي ۽ تازن سالن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي درجابندي ۾ بهتري آئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان ۾ معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ موقعا ڳولين. صدر چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي حڪومت پاران پيش ڪيل ٽيڪس مراعتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان وٽ تربيت يافته انساني وسيلا دستياب آهن، نوجوانن ۽ عورتن کي جديد آءِ ٽي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي لاءِ نگران وزيراعظم جو ڊيجيٽل اسڪلز ٽريننگ پروگرام شروع ڪيو ويو، ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام تحت 2018ع کان هيستائين 35 لک نوجوانن کي ٽريننگ ڏني وئي آهي. صدر چيو ته پاڪستان آن لائين تعليم جو ڪاٿو وڌائڻ، مع??ار?? ۽ هنرمند گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.
پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان جي خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا