اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪ??مت پنهنجي مينڊيٽ اندر رهندي جلد کان جلد عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي. اهڙو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪ??و. وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ پاور ڊويزن بريفنگ ڏني، جنهن ۾ مختلف وفاقي وزيرن سميت سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ توانائي واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت کي گڏجي لائحه عمل جوڙڻ جي ذميواري ڏن?? آهي. هن چيو ته مختلف سرڪاري ملازمن کي مفت يونٽس جي معاملي تي به تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورت?? آهي. سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جي استعمال ۾ گهٽتائي لاءِ فوري قدم کنيا ويندا. هن چيو ته اڄ صوبن سان به م??او??ت ڪئي ويندي.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب