اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي تاريخ جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي هڪ سال گذري چڪو آهي جنهن سان ٽيون حصو پاڪستان پاڻي هيٺ اچي ويو ۽ ٻوڏ سان لکين ايڪڙ تي ٻڌل بيٺل فصل سميت ب??يا??ي ڍانچي کي شديد نقصان پهتو، ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان جي معيشت کي مجموعي طور تي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان پهتو هو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهين بابت عالمي برادري کي خبردار ڪيو، اسان عالمي سطح تي موثر حڪمت عملي جو مطالبو ڪيو ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن سان شديد متاثر ٿيندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ جي حوالي سان يڪجه??ي جي اظهار جو عزم پڻ ڪيو. وزيراعظم چيو ته 4 آر اي?? فريم ورڪ تحت پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير تي ڪم جاري آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته وفاق?? ڪابينا تازو ئي تاريخي نيشنل ايڪشن پلان 2023ع جي منظوري ڏني آهي جنهن سان ب??يا??ي ڍانچي ۽ آبادي کي موسمياتي تبديلين جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پوري طرح تيار ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پاليسين کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان پنهنجي حصيدارن ۽ دوستن سان گڏجي ماحولياتي تبديلي کان تحفظ جي سفر ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائينداسين.
ملڪي تاريخ جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب مُلڪي معيشت کي مجموعي طور تي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان پهتو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک