اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها ڊاڪٽر عافيه جي سارسنڀال ۽ سندس جلد آزادي جي ل??ءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشن??ٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهي. وزيراعظم هڪ وزارتي ڪميٽي آهي جيڪا ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي ل??ءِ ڪوششون تيز ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ??يد??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ڪئي. گذريل ٽن مهينن ۾ وز??راعظم سان ڊاڪٽر فوزيه جي اها ٻي ملاقات هئي. ان کان اڳ وز??راعظم ڊاڪٽر فوزيه صديقي سان ان جي ايف ايم سي جيل ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي سان ملاقات جي ل??ءِ آمريڪا روانگي کان اڳ ملاقات ڪئي هئي. ڊاڪٽر فوزيه وز??راعظم جي قيادت ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا. وز??راعظم جي هدايت تي پرڏيهي وزارت پاران ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي آمريڪي ويزا ۾ مدد فراهم ڪئي وئي ۽ آمريڪي جيل ۾ ڊاڪٽر عافيه سان ان جي ملاقاتن جو بندوبست ڪيو ويو. ڊاڪٽر فوزيه چيو ته منهنجي دوري جي ل??ءِ آمريڪي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪري توهان ڊاڪٽر عافيه جي آزادي جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. اٽڪل 15 سال اڳ قيد ٿيڻ کانپوءِ کان پنهنجي ڀيڻ ملڻ جو هي پهريون موقعو هو ۽ مسلسل ٽن ڏينهن تائين ان سان ملاقات رهي. هن وز??راعظم کي ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي ل??ءِ کنيل مجوزه قدمن بابت ٻڌايو. ڊاڪٽر فوزيه پنهنجي ڀيڻ ڊاڪٽر عافيه سان ملاقات جا تاثر بيان ڪيا ته وز??راعظم همدرديءَ سان ان کي ٻڌو. وز??راعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ان جي ڀيڻ جي ل??ءِ انصاف حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي ۽ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي خيريت ۽ آزادي کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي ته اها ڊاڪٽر عافيه جي سارسنڀال ۽ ان جي جلد آزادي جي ل??ءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشن??ٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهي. هن پرڏيهي وزارت کي اها به هدايت ڪئي ته اها ڊاڪٽر فوزيه جي آمريڪا جي اڳئين دوري جي ل??ءِ مڪمل تعاون فراهمڪري، وز??راعظم هڪ وزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي ل??ءِ ڪوششون تيز ڪندي.
وزيراعظم پاران پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيه جي سارسنڀال ۽ سندس جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II