اسل??م آباد – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي قومي قائد حيدر عليوف جي مزار تي حاضري ڏني ۽ گل چاڙهيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي باڪو آذربائيجان جي ٻن ڏينهن جي سر??اري دوري تي آهي. وزيراعظم آذربائيجان جي قومي قائد حيدر عليوف جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گل چاڙهيا. وزيراعظم ڪجهه دير کانپوءِ آذربائيجان جي شهيدن جي يادگار جو پڻ دورو ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ٿيندي. ملاقات کانپوءِ ٻئي اڳواڻ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ?? واپار جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراعظم سان اڄ آذربائيجان جي وز??رن جي وفد جي ملاقات پڻ ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون