اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي وقوف عرفه جي باسعادت موقعي تي مناسڪ حج جو اهم رڪن وقوف عرفه ادا ڪرڻ تي سمور?? حاجي سڳورن ۽ مسلمان امت کي خصوصي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن برڪتن واري ڏينهن هر مسلم??ن وچن ڪري ٿو ته ال??ه تعاليٰ جي زات جي حڪمن جي بجاآوري جي لاءِ هو هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب وقتي صدر چيو ته قرباني جو جذبو ??ن وچن ??ي به تائيد آهي جنهن جو حضر?? ابراهيم عه اعلان ڪيو هو، حج اسلام جو اهم رڪن آهي. هن چيو ته اسان کي گهرجي ته قرآن ۽ سنت جو امن، اخوت ۽ ڀائيچاري جو پيغام انسانيت ۾ عام ڪريون، مسلمان امت کي هن وقت سڀ ک??ن وڌيڪ اتحاد جي ضرورت آهي. ه?? حاجي سڳورن کي پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعا جي پڻ اپيل ڪئي. وقتي صدر حج جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي سعودي حڪومت جا ٿورا مڃيا. سينيٽ جي وقتي چيئرمين مرزا محمد آفريدي پڻ حاجي سڳورن ۽ سموري مسلمان امت کي باسعادت موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي.
وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي پاران وقوف عرفه ادا ڪرڻ تي سمورن حاجي سڳورن ۽ مسلمان امت کي خصوصي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا