اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي وڻڪاري مهم تي ڀرپور ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شهرن ۽ عوامي جاين جي خوبصورتي کي وڌائڻ جي ??اءِ قدم لازمي آهن، عورتن کي تعليم يافته، هنرمند ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ وقت جي اهم گهرج آهي، عورتن کي تعليم ۽ صحت جون هڪ جهڙيون سهولتون ميسر هجڻ گ??رج??. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلورل آرٽ سوسائٽي آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ منعقد نمائش کي خطاب ڪندي ڪيو. نمائش ۾ زندگي جي ??ختلف شعبن سان تعلق رک??دڙ ما??هن کانسواءِ عورتن جي ??ڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جون عورتون باصلاحيت آهن ۽ انهن کي موقعا ملڻ تي آرٽ سميت مختلف شعبن ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. خاتون اول چيو ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??اءِ مردن سان گڏوگڏ عورتن کي به موقعا ملڻ گ??رج??. هن چيو ته فلورل آرٽ هڪ شوق ئي نه پر ذهني صحت جي ??اءِ به ضروري آهي، ساوڪ سان توهان تازگي جو احساس حاصل ڪريو ٿا ۽ اها بي چيني ۽ پريشاني کي ختم ڪري ٿي. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته ساوڪ سان ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ ان جي ??احول تي مثبت اثر پون ٿا. هن شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي ساوڪ کي فروغ ڏين ڇو ته ان سان ماحول کي متوازن رکڻ ۾ مدد ملي ٿي، پاڪستان جي شهرن ۾ ساوڪ گهٽ آهي ۽ ان قدم سان پاڪستان جي خوبصورتي وڌائڻ ۽ قائم رکڻ ۾ مدد ملندي. خاتون اول وڻڪاري مهم تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته شهرن ۽ عوامي جاين جي خوبصورتي کي وڌائڻ جي ??اءِ ڀرپور قدم لازي آهن، پنهنجي ڀرپاسي جي ??احول کي بهتر بڻائڻ جي ??اءِ عورتن ۽ نوجوانن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته آئون به فلورل آرٽ جي ??يمبر آهيان، عورتون پنهنجي ڪوششن سان مهارت ۽ تخليق فن کي وڌائي سگهن ٿيون جڏهن ته باغباني کي فروغ ڏيڻ گ??رج??. بيگم ثمينه عارف علوي نمائش ۾ رک??ل فلورل آرٽ جا نمونا پڻ ڏٺا ۽ انهن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.
شهرن ۽ عوامي جاين جي خوبصورتي کي وڌائڻ جي لاءِ قدم لازمي آهن: خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن











.jpg)
.jpg)

