اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڪڌي فعل جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو ڪڌو فعل اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ هڪ اشتعال انگيز اس??امو فوبڪ نفرت انگيز ڏوهه آهي، اهڙي طرح جي جارحاڻي ??ار??واين سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن جي جذبن کي شديد ٺيس پهتي آهي ۽ ان سان عاليم برادري جي وچ ۾ انتشار پيدا ٿي سگهي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستا?? جو سدائين اهو موقف رهيو آهي ته اظهار راءِ جي آزادي ذميوارين سان اچي ٿي، اسان اهو به مڃون ٿا ته اها حڪومتن ۽ عالمي برادري جي ذميواري آهي ته اهي اهڙي ڪڌي ??ار??واين کي روڪين جيڪي مذهبي نفرت ۽ تشدد کي هوا ڏيڻ ۽ ڀڙڪائڻ جي ڪڌ مقصدن سان ڪيون وڃن ٿيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عالمي برادري کي اس??امو فوبيا جي خلاف پنهنجو گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. بيان موجب گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي گذريل سال 15 مارچ تي اس??امو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ جيڪا ق??ار??اد منظور ڪئي هئي ان جي پٺيان اهو ئي روح ڪارفرما هو. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا خدشا هالينڊ جي عملدارن تائين پهچايا پيا وڃن، اسان انهن تي زور ڏيون ٿا ته اهي پاڪستاني عوام ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي جذب?? جو خيال رکن ۽ اهڙي طرح جي نفرت انگيز ۽ اس??امو فوبڪ ??ار??واين کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي.
پاڪستان پاران هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڪڌي فعل جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل