اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سکر 211; ??يدرآباد موٽروي جو پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ سکر پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جار?? ڪيل بيان م??اب?? سکر هوائي اڏي تي آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم ۽ ساڻس گڏ آيل وفد جو استقبال ??يو. وزيراعظم پهريان سکر ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم سکر ۽ حيدرآباد ۾ 306 ڪلوميٽر ڊگهي سکر 211; ??يدرآباد موٽر وي ايم – 06 جو پيڙهه جو پٿر رکندو. سکر 211; ??يدرآباد موٽر وي پشاور ڪراچي موٽر وي ( پ?? ڪي ايم) جو آخري حصو آهي جنهن بعد پاڪستان جا سمورا وڏا ۽ اهم شهر موٽر ويز سان گنڍجي ويندا. ڄاڻايل منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 30 مهينن جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا