شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جرمني سان واپار، سيڙپڪاري، ماحولياتي ??بديلي ۽ قابل تجديد توان??ئي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ جرمني کي مختلف شعبن ۾ نوجوانن کي موقعا ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر تعاون ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه جرمني جي چانسلر اولاف شولز سان ماحولياتي ??ربراهه اجلاس ڪوپ – 27 جي موقعي تي ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ تعاون کي وڌائڻ جي امڪانن تي ??ور ڪيو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي علائقا??ي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم جرمن عوام جي عزم کي ساراهيندي جرمني سان واپار، سيڙپڪاري، ماحولياتي ??بديلي ۽ قابل تجديد توان??ئي سميت گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي نوجوان آبادي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ جرمني کي مختلف شعبن ۾ نوجوانن کي موقعا ڏيڻ جي لاءِ وسيع تعاون ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم جرمني پاران پاڪستان کي سالن کان ڏني ويندڙ فني تربيت تي ٿورا مڃيندي ڄاڻ جي مٽاسٽا جي ضرورت تي ??ور ڏنو. هن يورپي يونين ۾ جي ايس پي پلس حيثيت جي لاءِ حمايت تي ??رمني جا ٿورا مڃيا جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند آهي. وزيراعظم چيو ته حدت جو سبب بڻجندڙ گئسن جي اخراج ۾ گهٽ کان گهٽ ڪردار هجڻ جي باوجود پاڪستان ماحولياتي ??بديلي جي نتيجي ۾ ايندڙ قدرتي ??فتن کان سخت متاثر ٿي رهيو آهي. هن پاڪستان ۾ ماحولياتي ??بديلي سان ايندڙ تازي ٻوڏ کانپوءِ جرمني پاران پاڪستان جي امداد تي ??رمني جا ٿورا مڃيندي جرمن چانسلر کي حڪومت جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته ماحولياتي ??بديلين جي مسئلي خاص طور تي ڪلائميٽ جسٽس ۽ انهن تبديلين جي نتيجي ۾ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوپ – 27 کي دليراڻا فيصلا ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم خطي جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جرمني سميت غيرملڪي حڪومتن جي درخواست تي ??فغانستان ما?? انخلا جي لاءِ سهولت فراهم ڪندو رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي صورتحال جي ڏس ۾ عالمي برادري جي افغان عبوري حڪومت سان مسلسل ڳالهه ٻولهه انته??ئي اهميت رکندڙ آهي. جرمن چانسلر افغانستان ۾ نمائنده حڪومت ۽ انساني حقن جي احترام جي پنهنجي موقف کي ورجايو. وزيراعظم جرمن چانسلر جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير طرف ڇڪرائيندي چيو ته ان جي نتيجي ۾ علائق??ئي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي.
پاڪستان ۽ جرمني کي مختلف شعبن ۾ نوجوانن کي موقعا ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر تعاون ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار