اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽرنر پاڪستان جي 75هين ڊائمنڊ جوبلي يوم آزادي جي موقعي تي سڀني پاڪستانين نالي پنهنجي خط ۾ چيو آهي، ته دنيا جي ٻين ملڪن جي سفارتڪارن وانگر منهنجي به پاڪستان ۾ مقرري ٿي، مان ڏٺو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي، 14 آگسٽ تي پاڪستان جي قيام جا 75 سال مڪمل ٿيا آهن. ۽ پاڪ برطانيه سفارتي لاڳاپن کي به ايترو ئي عرصو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ۾ خدمتن جي فراهمي هڪ اعزاز آهي. هن چيو ته ان موقعي تي پنهنجي خط ۾ اهو تسليم ڪيان ٿو ته پاڪستان ۾ مون سميت پرڏيه??ن سان بهتر??ن س??وڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي اجنبي هئڻ جو احساس نه پ??و ٿئي. پنهنجي خط ۾ هن پاڪ برطانيه ڊگهي سفارتي، اقتصادي ۽ عوامي لاڳاپن جا تفصيل به پ??ش ڪيا. پنهنجي خط جي آخر ۾ ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽرنر لکيو ته پاڪستان ۽ برطانيه گڏ آهن. ”اسان گڏ 75ه??ن سالگره تي تمام گهڻي مبارڪباد ڏيون ٿا.“
پاڪستان جي 75هين ڊائمنڊ جوبلي يوم آزادي جي موقعي تي برطانوي هاءِ ڪمشنر جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر