اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته آئين جي بالادستي ئي اسان جي منزل آهي، ڇو ته آئين رياست جي هر شهري کي بنيادي حق، جمهو??يت ۽ سيڪيورٽي جي ضمانت ڏي ٿو، نفرت، انتشار جي سياست کي ڇڏي ملڪي مسئلن ??ي حل ڪرڻ طرف وڌڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه پارليامينٽ هائوس ۾ سبزه زار ۾ قائم يادگار جمهو??يت تي حاضري جي موقعي تي چئي. هن چيو ته آئين جي تقدس کي ب??قر??ر رکڻ اسان سڀني جي اولين ذميواري آهي. هن چيو ته جمهوري قوتن جي ملڪ ۾ جمهو??يت جي بحالي لاءِ جمهوري قوتن کي آم??يت دوران بي پناهه مصيبتن کي منهن ڏ??ڻو پيو. آئين جي بالادستي ۽ جمهو??يت جي بحالي لاءِ قربانيون ڏيندڙ گمنام هيروز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. جمهو??يت جي گمنام هيروز آئين جي تقدس جي لاءِ ڪوڙا کاڌا ۽ قيد جهڙيون مصيبتون برداشت ڪيون. آئين تي عملدرآمد ڪندي وفاقي اڪائين کي آئين ۾ ڏنل اختيارن ۽ شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻو پوندو. موجوده پارليامينٽ چئني صوبن سان گڏجي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اسان کي بحيثيت قوم پاڻ ۾ اختلافن کي وساري هم آ??نگي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.
آئين جي بالادستي ئي اسان جي منزل آهي، ڇو ته آئين رياست جي هر شهري کي بنيادي حق، جمهوريت ۽ سيڪيورٽي جي ضمانت ڏي ٿو: اسپيڪر راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون