اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مبارڪباد تي ولي عهد جا ٿ??را مڃيا ۽ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ٻط??فن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سعودي عرب سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي مثالي قيادت ۾ سعودي عرب جي بي مثال ترقي تي ان کي خراج تحسين پ??ش ڪيو. گذريل 7 ڏهاڪن دوران ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن ۽ تاريخي رابطن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف انهن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت ۽ پنهنجي عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻط??فن ۽ عالمي فورمن تي سعودي عرب جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ تعاون تي ٿ??را مڃيا ۽ سعودي ولي عهد کي يقين ڏياريو ته پاڪستان هر قسم جي حالتن ۾ سعودي عرب سان گڏ بيٺل هوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجي ٻط??فن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سعودي عرب ج?? دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ ولي عهد لي پاڪستان جي سرڪار?? دوري جي دعوت ڏني.
سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون، وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا