اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سياسي استحڪام جو بهترين رستو چونڊون آهن، ملڪ کي استحڪام طرف نه آند?? ته ملڪي معيشت کي شديد نقصان ٿيندو، آرٽيڪل 63 اي آئين جو حصو آهي، اها ڳالهه هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڊي چوڪ تي ميڊيا سانڳ الهائيندي ڪئي، چوڌري فواد حسين چي?? ته بي اعتمادي رٿ جي معاملي سان گڏوگڏ اسان کي ڏسڻو پوند?? ته آرٽيڪل 63 اي جي خلاف ورزي ٿي يا نه، ماڻهن کي رڍن ٻڪرين وانگر خريد ڪيو ويو ۽ سنڌ هائوس ۾ رکيو ويو، هن چي?? ته اهو ڪهڙو مٽيريل هو جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر ان ن??يجي تي پهت?? ته بي اعتمادي رٿ نٿي ٺهي، اهو مٽيريل ڊاڪٽر بابر اعواڻ پيش ناهي ڪرڻو، ان تي ان ڪئميرا ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، اهو مٽيريل اٽارني جنرل يا و??يراعظم جو وڪيل ان وقت پيش ڪري سگهن ٿا جڏهن عدليه انهن کي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيندي، هن چي?? ته پاڪستان جي اندر جلد کان جلد سياسي استحڪام جي ضرورت آهي، سياسي استحڪام لاءِ اسان کي اليڪشن طرف وڃڻ گهرجي، سياسي عدم استحڪام جي ڪري ڊالر جو اگهه 186 روپين تي پهچي ويو آهي جيڪڏهن اهو عدم استحڪام جاري رهي?? ته اسان معاشي بهتري لاءِ جيڪي قدم کني?? هئا اهي به ضايع ٿي ويندا، چوڌري فواد حسين چي?? ته سياسي استحڪام لاءِ بهترين رستو چونڊون آهن، ن ليگ ۽ مخالف ڌر جو به مطالبو ه?? ته ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ گهرجن، هن چي?? ته اسيمبلي تحليل ٿي وئي آهي، هاڻي پٽيشن اها آهي ته اسيمبلي صحيح طريقي سان تحليل ناهي ٿي ان کي بحال ڪيو وڃي، اسان بي اعتمادي رٿ آڻيون ۽ پوءِ حڪومت کي موڪليون، هن چي?? ته مخالف ڌر جي سوچ انهن جي پيرن تي محدود آهي، ملڪ کي استحڪام طرف نه آند?? ته ملڪي معيشت کي شديد نقصان ٿيندو.
سياسي استحڪام جو بهترين رستو چونڊون آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین