اسلام آب??د – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان وڏن شهرن جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون ڇو ته وڏا شهر قومي معيشت جي ترقي جو حقيقي محرڪ آهن، لاڳاپيل عملدار وڏن شهرن جي ترقياتي اسڪيمن جي رستي ۾ ايندڙ ڪاوٽون ختم ڪن. هو وڏن شهرن جي منصوبابندي جي حوالي سان اجلاس جي صد??رت ڪري رهيو هو. هن چيو ته ٻهراڙي جي علائقن کان شهري علائقن ۾ آب??دڪاري جي ڪري وڏن شهرن کي ??يترائي چئلينج درپيش آهن انهن ?? هائوسنگ، ملازمتن جا موقعا ۽ شهري ضرورتن کي ??وٽ ٿي رهي آهي تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته وڏن شهرن جي لاءِ خصوصي ترقياتي پيڪيج تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو وڏن شهرن جي رهواسين کي وڌ کان وڌ رليف پهچائڻ لاءِ مختلف ترقياتي اسڪيمن جي تڪميل جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم يقيني ??ڻائين. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي، لاهور، ملتان، فيصل آب??د، راولپنڊي ۽ گوجرانوالا جهڙن وڏن شهرن جي ترقي ۽ بهتري جي لاءِ گڏيل رابطا رکن ۽ جامع مهم هلائي وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، صنعت واري وزير مخدوم خسرو بختيار، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
اسان وڏن شهرن جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ