اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پونيئرن سان رابطو ڪيو ۽ عظيم قرباني ۽ قوم جي لاءِ خدمتن تي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ج??يل جي دعا ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پارا?? جاري بي??ن موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي 6 ڊسمبر تي ه??لي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر راجا ذيشان جهانزيب ۽ ميجر محمد عرفان برچا جي پونئيرن سان افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 27 نومبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي جوانن جي گهرڀاتين سان پڻ ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ شهيدن جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلند لاءِ دعا ڪئي. صدر لانس نائيڪ عارف ۽ نائيڪ رحمان جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 8 نومبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي غفور جان جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي صدر عظيم قرباني ۽ قوم جي لاءِ خدمتن تي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ج??يل جي دعا ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پونيئرن سان رابطو
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria