اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۾ سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر موهن ويجي وڪرما سان ملاقات ڪئي ۽ سريلنڪا جي شهري سان سيالڪوٽ ۾ پيش آيل واقعي تي افسوس جو اظه??ر ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر کي سيالڪوٽ جي واقعي کانپوءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سيالڪوٽ واقعي جي سڄي ملڪ ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. سيالڪوٽ واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفت??ر ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظه??ر ڪندي چيو ته سيالڪوٽ واقعي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي اثر نه ??وندا.
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados