اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شهري آبادين جي بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??هري آبادين ۾ ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ گرين بيلٽس جي تحفظ ۽ هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچاءُ جي جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي، ??اص طور تي مارگله جي جبلن ۽ ٻين سياحتي ماڳن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ هائوسنگ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، خاص مددگارن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي اعليٰ آفيسرن به وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ شهرن جي ماسٽر پلان تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ 28 شهر جن جي ڪل آبادي 6 ڪروڙ 47 لک آهي، ??ي ماسٽر پلان تي ڪم تيزي سان جاري آهي، ??جلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڳاپيل عملدارن پاران ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جو عمل جل?? کان جل?? مڪمل ??يو وڃي، ماسٽر پلان ۾ زمين جي استعمال، معاشي ترقي، ??دارن جو بنيادي ڍانچو ۽ فنانشل پلان سياحت ۽ ثقافتي ورثي، ماحولياتي تحفظ، ٽرانسپورٽ، هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ جامع منصوبابندي شامل آهي، ??جلاس کي مختلف شهرن جي ماسٽر پلان جي تڪميل جي نه رڳو موجوده صورتحال کان آگاهه ??يو ويو پر ماسٽر پلاننگ ۾ مستقبل ۾ ايندڙ تبديلين کي شامل ڪرڻ جي طريقيڪار کان به آگاهه ??يو ويو، وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان دوران لينڊ پاليسي کي تبديل ??يو پيو وڃي جنهن ۾ زمين جي استعمال جي درجه بندي سان گڏوگڏ اسپيشل ڪمر??لا??يزيشن ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. خيبرپختونخوا جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ضم ٿيل ضلعن جي 9 شهرن جي سميت صوبي جي 20 وڏن شهرن جو ماسٽر پلان مقرر مدي ۾ مڪمل ??يو ويندو جنهن سان نه رڳو ٻيلن ۽ قدرتي ندي نالن جو تحفظ پر ڊگهين عمارتن جي تعمير به شامل آهي، ??جلاس کي ٻڌايو ويو ته پشاور، مردان، چارسده، نوشهره، صوابي ۽ ايبٽ آباد جو پلان تيار آهي جڏهن ته 5 ٻين شهرن جو پلان پڄاڻي جي مرحلي ۾ آهي، ??سلام آباد جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گهڻ ماڙ عمارتن جي سارسنڀال لاءِ اصول جوڙيا پيا وڃن ته جيئن تعمير کانپوءِ ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي، وڌيڪ زون 3 ۾ گرين ايرياز جي تحفظ لاءِ به حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته شهري آبادين جي بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرور آهي، ??هري آبادين ۾ ماحول جي بهتري لاءِ گرين بيلٽس جي تحفظ ۽ هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچاءُ جي جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي، ??اص طور تي مارگله جي جبلن ۽ ٻين سياحتي ماڳن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
شهري آبادين جي بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena