اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي اسان جو آهي ۽ ڪراچي کانسواءِ پاڪستان نه آهي، ڪراچي ۾ ب??لي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ ب??لي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ ڪي الي??ٽر?? جي معاملن تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڊگهي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته ايوان ۾ لفظن جي چونڊ مناسب هجڻ گهرجي، منهنجي سنڌ حڪومت کي درخواست آهي ته اسلم خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺي، هن چيو ته ڪي الي??ٽر?? جي نجڪاري مسلم ليگ (ق) جي دور ۾ ٿي، پنج سال پيپلزپارٽي جي حڪومت رهي ۽ پيپلزپارٽي جو ب??لي وارو وزير راجا پرويز اشرف جيڪو هن ايوان ۾ موجود آهي، هن ڪي الي??ٽر?? ۾ مجرماڻيون ڪاررواين کي ڇو نه پڪڙيو، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي ب??لي واري وزير خواجه آصف به هتي آهي، هن ايڪشن ڇو نه کنيو.
ڪراچي اسان جو آهي ۽ ڪراچي کانسواءِ پاڪستان نه آهي: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری