احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام بابت عوام کي موثر آگاهي ڏني وڃي: وزيراعظم


APP59-16 ISLAMABAD: April 16 – Special Assistant to PM on Poverty Alleviation and Social Protection Dr. Sania Nishtar calls on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام بابت عوام کي موثر آگاهي ڏني وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ مستحق ان پروگرام مان فائدو کڻي سگهن. اها هدايت هن سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جو اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد پڻ موجود هو. ملاقات ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ احساس تحت ٻين پروگرامن جي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.

متعلقہ مضامین