پيانگ يانگ-31 آڪٽوبر (اي پي پي) اُتر ڪوريا بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل جو تجربو ڪي?? آهي. ٻئي طرف آمريڪا ان تجربي جي مذمت ڪندي اُتر ڪوريا تي زور ڀري?? آهي ته هو وڌيڪ غير قانوني ۽ عدم استحڪام پيدا ڪندڙ ڪاررواين کان پاسو ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي دفاع واري وزير جنرل نڪاتاني چي?? آهي ته ميزائل اوڪوشيري ٻيٽ ??ي اولهه ۾ تقريبن 300 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪِري?? آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي اُتر ڪوريا طرفان لانچ ڪيل هاڻي تائين ڪنهن به ميزائل جي ڊگهي ت??ين اُڏام آهي. ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان جي عملدارن اُڏام جي وقت جو ڪاٿو 87 منٽ لڳايو جنهن دوران هي ميزائل هڪ هزار ڪلوميٽر اُفق تي اُڏام ڪندي 7 هزار ڪلوميٽرن جي بلنديءَ تائين پهتو. اُتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو ايجنسي موجب دفاع واري وزارت جي ترجمان ڪالهه جاري بيان ۾ ان تجربي کي اهم قرار ڏيندي چي?? آهي ته هي تجربو اُتر ڪوريا ??ي اڳواڻ ڪم جونگ جي حڪمن تي ڪيو وي?? آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ميزائل لانچ ڪرڻ اُتر ڪوريا ??ي اسٽريٽجڪ ميزائل صلاحيت جي هاڻوڪي رڪارڊ کي بهتر بڻاي?? آهي ۽ اهو اُتر ڪوريا جو دنيا جي سڀ کان طاقتور اسٽريٽجڪ ڊيٽرنٽ جي جدت ۽ ساک جو اظهار آهي. ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف اُتر ڪوريا جي ميزائل تجربي جي تصديق ڪندي چيو ته ميزائل لانچ ڪرڻ کانپوءِ تيز رفتاري سان هڪ هزار ڪلوميٽر اُفقي ۽ 7 هزار ڪلوميٽر عمودي سفر ڪيو جيڪا هاڻي تائين اُتر ڪوريا طرفان فائر ڪيل ڪنهن به ميزائل جي ڊگهي ت??ين اُڏام آهي. آمريڪا ??ي انڊو پيسفڪ ڪمانڊ ان تجربي جي مذمت ڪندي اُتر ڪوريا تي زور ڀريو ته هو وڌيڪ غير قانوني ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙين ڪاررواين کان پاسو ڪري. اُتر ڪوريا ان قسم جو آخري تجربو ڊسمبر 2023ع ۾ ڪيو هو، جڏهن ان جو فائر ڪيل ميزائل 72 منٽن ??ي اُڏام دوران تقريبن هڪ هزار ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪيو هو.
اُتر ڪوريا پاران 7 هزار ڪلوميٽرن جي بلنديءَ تائين پهچندڙ بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائل جو تجربو
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil