واشنگٽن -10 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي ڊيمو ڪريٽ اڳواڻن کي چيو آهي، ته ايندڙ مهيني شڪاگو ۾ ٿيندڙ پارٽي ڪنيونشن ۾ مون کي چئلينج يا ڊونلڊ ٽ??مپ خلاف منهن??ي حمايت ڪيو. ميڊيا مطابق جوبائيڊن ڪانگريس کي لکيل خط ۾ چيو ته هو چونڊن ۾ بيهڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڊوڙ تان هٿ نه کڻندو. هن چيو ته هي گڏجڻ ۽ هڪ متحد پارٽي طور اڳيان وڌي ڊونلڊ ٽ??مپ کي شڪست ڏيڻ جو وقت آهي. هن چيو ته هو پارٽي ۾ موجود اشرافيه مان تمام گهڻو مايوس آهي، انهن مان جنهن جو به خيال آهي ته مون کي چونڊ نه وڙهڻ گهرجي، اهو منهنجي خلاف چونڊ وڙهي ۽ صدارتي اميدوار طور اعلان ڪري ۽ کيس ڪنوينشن ۾ چئلينج ڪري. ٻئي پاسي ڊونلڊ ٽ??مپ انٽرويو ۾ چيو ته منهنجي خيا?? ۾ ??وبائيڊن دٻاءُ برداشت ڪندو ۽ ڊوڙ ۾ شامل رهندو، سندس انا آهي ۽ هو هٿ نٿو کڻڻ چاهي.
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی