اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 ا??ڊي??س هڪ لک پوائنٽس جو تاريخي سنگ ميل پار ڪري ورتو، ڪي ايس اي 100 ا??ڊي??س 813.52 پوائنٽس جي واڌ بعد 100082.77 پوائنٽس تي بند ٿيو جيڪو نئون رڪارڊ ۽ ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. ٻي طرف سيڙپڪارن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اوسر کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي پاليسين جي تسلسل ۽ معيشت جي بهتري لاءِ قدمن کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. گذريل ڏينهن مجموعي طور تي 450 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 289 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ واڌ، 117 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 44 ڪمپنين جي شيئرز ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي. مجموعي طور تي 1164.79 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن جي ما??يت 39.77 ارب روپيا هئي، ڪي ايس اي 30 ا??ڊي??س 160.90 پوائنٽس جي اضافي بعد 31193.28 پوائنٽس ۽ اسلامي ما??يات جي ايم آءِ 30 ا??ڊي??س 2437.74 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 147220.79 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 18.78 ارب روپين جي ڏي وٺ ٿي. مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جو ڳاڻيٽو وڌي 45.7 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. اقتصادي ما??رن ۽ ڪاروباري برادري اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اوسر کي ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جو ثبوت قرار ڏنو آهي.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ لک پوائنٽس جو تاريخي سنگ ميل پار ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل