اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾”ڪيس ڪيڊ“ پوليس خدمت مرڪز جو دورو ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد ش??باز شريف سفارتڪارن ۽ پرڏيهي شهرين لاءِ جديد سهولتن سان ليس خدمت مرڪز جي قيام جي وا??اڻ ڪئي. وزيراعظم پوليس خدمت مرڪز جي قيام لاءِ گهرو وز??ر محسن نقوي جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سفارتي برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. اسلام آباد ۾ عالمي معيار موجب ۽ حاضر دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي ڪيس ڪيڊ خدمت مرڪز جو قيام وا??اڻ جوڳو آهي. خدمت مرڪز ۾ سفارتي برادري ۽ پرڏيهي شهرين کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ۽ تجديد ڪرڻ، ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ، جنرل پوليس ويريفڪيشن، گمشدگي رپورٽ، مسواڙين جي رج??ٽريشن، فارنرز رج??ٽريشن، گهريلو ملازمن جي رج??ٽريشن، والنٽيئرز رج??ٽريشن، گاڏين جي ويريفڪيشن ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي حاصل ڪرڻ جهڙيون خدمتون مهيا ڪيون وينديون. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وز??ر محسن نقوي به ساڻس گڏ هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ”ڪيس ڪيڊ“ پوليس خدمت مرڪز جو دورو
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔