اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي) پا??ليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن (پي جي اي) جي ميمبرن بئريسٽر عقيل ملڪ، بئريسٽر دانيال چوڌري ۽ ڊاڪٽر مر??ا اختيار بيگ پي جي اي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته عالمي امن ۽ انصاف جي فراهمي ۾ پا??لياماني نمائندن جو ڪردار هن وقت اڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪو آهي، پا??ستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ عالمي قانون، موسمياتي تبديلي ۽ انساني حقن جهڙن اهم مسئلن تي ڀرپور ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان فورم ۾ شريڪ پا??ستاني ۽ عالمي نمائندن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پا??ليامينٽيرينز عالمي چئلينجن جي حل ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندا. هو گذريل ڏينهن پا??ليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن (پي جي اي) جي اجلاس جي افتتاحي تقريب جي ويهڪ کان پوءِ قومي خابرو اداري اي پي پي سان ڳالهائي رهيو هو. پي جي اي جي ميمبر ۽ قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي، ته پا??ستان هميشه عالمي انصاف ۽ انساني حقن جي اصولن جو پا??بان رهيو آهي. هن فلسطين ۽ ڪشمير جهڙن مسئلن تي عالمي برادري کي ٻٽي معيار جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڀريو. سندس چوڻ هو ته پا??ستان جي جدوجهد عالمي انصاف کي هٿي وٺائڻ جي عڪاسي آهي ۽ اسان کي پنهنجي ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪرڻ گهرجي. پي جي اي جي ميمبر ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي پا??لياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پا??ستاني سياستدانن جو ڪردار عالمي امن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلي جهڙن تڪرارن کي حل ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن هڪ منصفاڻو ۽ پا??يدار امن قائم ٿي سگهي. دانيال چوڌري چيو ته پا??ستان عالمي امن کي هٿي وٺائڻ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان عالمي انصاف جي اصولن تي ڪاربند رهنداسين. پي جي اي جي ميمبر ۽ پيپلز پا??ٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر مر??ا اختيار بيگ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڳالهين جي تائيد ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلي جهڙن چئلينجز تي عالمي سهڪار جي ضرورت آهي، پا??ستان عالمي برادري سان گڏ انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پا??ستان سدائين انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جو علمبردار رهيو آهي ۽ عالمي امن جي بحالي ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو. ??ن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پا??ستان عالمي انصاف، امن ۽ انساني حقن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، عالمي برادري کي به هڪجهڙي انصاف جي اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي.
عالمي امن ۽ انصاف جي فراهمي ۾ پارلياماني نمائندن جو ڪردار اڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪو آهي: پي جي اي پاڪستان جا ميمبر
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک