اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري س??ن روس جي فيڊرل ڪائونسل جي اسپيڪر ولنٽينا متوينڪو جي قيادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن گڏيل مفاد ۾ واپار، ڪاروبار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مض??وط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪي??. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ جي گڏيل عزم تي ٻڌل آهن. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن، اسڪالرشپ پروگرامن جي ذريعي ثقافتي رابطن کي وڌيڪ مض??وط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??ه ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا بي پناهه امڪان آهن. صدر زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ روس پاران سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن اشڪ آباد جي دوري دوران صدر ولاديمير پيوٽن سان پنهنجي تازي خوشگوار ڳالهه ٻولهه جو پڻ ذڪر ڪي??. صدر برڪس جو ميمبر بڻجڻ ??ي لاءِ روس پاران پاڪستان جي حمايت جي پڻ درخواست ڪئي. برڪس جو ميمبر بڻجڻ ??ان پاڪستان کي علائقائي ۽ عالمي تعاون ۾ پنهنجو ڪردار وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ڌرين بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو، نارٿ سائوٿ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور جي ذريعي علائقائي رابطن، واپاري لاڳاپن، اقتصادي تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. روس جي فيڊرل ڪائونسل جي اسپيڪر ولنٽينا متوينڪو چيو ته روس پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي ترجيح ڏي ٿو، اميد آهي ??ه ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مض??وط ٿيندا. معزز مهمان ٻطرفي واپار ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪي??. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪامياب ميزباني، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غيرمستقل سيٽ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏني. صدر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل سيٽ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت تي روس جا ٿورا مڃيا.
صدر سان روس جي فيڊرل ڪائونسل جي اسپيڪر جي قيادت ۾ پارلياماني وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن