اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيوزيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طر??ان جاري پڌرائي مطابق سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن (سي ايڇ او جي ايم) جي اجلاس جي موقعي تي نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏ??ڻ جي حوالي سان دستياب موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي بنهي اڳواڻن گڏيل مفادن لاءِ سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وسيع لاڳاپن جون جا گڏيل رستا ڳولهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز ٻه طر??ا واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏ??ڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ ٻه طر??ي سهڪار کي هٿي ڏ??ڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مختلف قدمن جي توثيق تي نيوزيلينڊ جو ٿورو مڃيندي پرڏيهي وزير چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل وراثت ۽ گڏيل اخلاقيات ذريعي ه??ٻئ?? سان ڳنڍيل آهن ۽ اثرائتي گهڻ رخي، جمهوري ۽ انساني عزت ۽ وقار کي هٿي ڏ??ڻ ۾ گڏيل مفاد رکن ٿا.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي نيوزيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار