ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بلوچستان ۾ نادرا جي 21 نئين رجسٽريشن سينٽرز ۽ 6 موبائيل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار ايا?? صادق، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، بلوچستان اسيمبلي جو اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر، صلاحڪار ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان سميت ٻيا پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار بلوچستان جي وڏي وزير م??ر سرفراز احمد بگٽي سان گڏ ڪوئيٽا ۾ صوبي ۾ نادرا جي 21 نئين رجسٽريشن سينٽرز ۽ 6 نئين موبائيل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح ڪيو. هن وفاقي ادارن جي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته حڪومتي ادارا بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ خدمتن جي آسان فراهمي جي لاءِ صوبائي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪن ته جيئن ??وا?? کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن ۾ گهٽتائي ٿئي، وفاقي حڪومت ??وا?? جي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿي. نائب وزيراعظم صوبي ۾ نادرا جي نئين رجسٽريشن سينٽرز ۽ ايم آر ويز جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير م??ر سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي 21 تعلقن ۾ نئين رجسٽريشن مرڪزن جي قيام سان ??وا?? کي رجسٽريشن ?? سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي، انهن کي رجسٽريشن ?? سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ مشڪلاتون درپيش هيون. هن چيو ته نئين رجسٽريشن مرڪزن ۽ موبائيل وهيڪلز سان ??وا?? خاص طور تي وڏي عمر جي ماڻهن ۽ عورتن کي گهر جي درن تي رجسٽريشن ?? سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي سهولت ملندي.
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار پاران بلوچستان ۾ نادرا جي 21 نئين رجسٽريشن سينٽرز ۽ 6 موبائيل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا